درگاهه صوفي شاهه ڏنو ’مشتاق‘

درگاهه صوفي شاهه ڏنو ’مشتاق‘

درگاهه صوفي شاهه ڏنو مشتاق

درگاهه صوفي شاهه ڏنو ’مشتاق‘: هي درگاهه ڪنڌڪوٽ لڳ B.S فيڊر RD-219 وٽ قائم آهي. صوفي شاهه ڏنو ’مشتاق‘ ولد پٺاڻ خان لاشاري 1921ع ڌاري مير سندر خان سندراڻي، دڙي، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ تولد ٿيو. سنڌي فائينل پاس ڪري ماستر ٿيو، بعد ۾ نوڪري ڇڏي مير سندر خان سندراڻيءَ جي اسرار تي چئني ڀائرن جي زمينن جي سنڀال لاءِ عام مختيار رهيو. شروع کان صوفي منش رهيو ۽ 16 روهين جي عمر ۾ حضرت داتا فيض محمد ’فيض دريا‘ جي سجاده نشين حضرت داتا ’شاهه ولايت‘ جيلانيءَ جو طالب ٿيو. فقير سائينءَ ڪجهه وقت گذرڻ بعد ميرن جي عام مختياريءَ کي ترڪ ڪيو. ظاهر ۽ باطن جو عالم هو. اجمير شريف جو سفر ۽ بيت الله'>حج بيت الله به ڪيائين. سندس وصال 25 جنوري 1987ع تي ٿيو.
آگسٽ 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ درگاهه جي چئن ئي پاسن کان پاڻي بيهي ويو، پر درگاهه اندر پاڻي نه آيو، جنهن تي سندس عقيدتمند شاعر ۽ اديب ارڏي اتراديءَ هي سٽون لکيون آهن:
صوفي شاهه ڏني سان ٺاهه،
سڏ ۾ ساڻي پاڻ الله،
ٻيڙيءَ وانگر تار ۾ تريل،
ثابت سالم آ درگاهه،
وهوا سنڌو دريا شاهه،
سنڌ سموري آهه گواهه.


هن صفحي کي شيئر ڪريو